سکر

ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڪنٽرول آهي. اگر ضرورت پئي ته فوج کي به گهرائي وٺنداسون: واجد علي دراني

سکر(رپورٽ ؛ عمر سومرو)آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني چيو آهي.سکر پوليس لائين هيڊڪوارٽر ۾ پوليس جي درٻار واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جي مسئلن جي حل لاءِ صدر پاڪستان 5 ارب روپين فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن سان جديد هٿيار ۽ گاڏيون خريد ڪيو وينديون جڏهن ته جلد هر پوليس اهلڪار جي پگهار ۾ في ڪس 4 هزار روپين جو اضافو ڪيو ويندو هن چيو ته ان سان گڏوگڏ هر هڪ ضلعي ۾ پوليس اهلڪارن جي رهائش لاءِ به سئو کان اڍائي سئو ايڪڙن تي ٻڌل ڪالوني جوڙيون وينديون ترت ٿاڻن ۽ رهائشي ڪوارٽرن جي مرمت لاءِ 10 ڪروڙ روپيا پڻ طلب ڪيا آهن هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 7 1 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. ۽ انهن وٽان وڏي تعداد ۾ اسلحو برآمد ڪيو ويو آهي. ۽ گرفتار دهشتگردن کان وڌيڪ تفتيش جاري آهي. ۽ انهن وٽان مليل معلومات مطابق وڌيڪ گرفتارين لاءِ مختلف علائقن ۾ پوليس ڇاپا هني رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن ۽ امان جي بحاليءَ لاءِ 0 1 هزار پوليس اهلڪارن جي ڀرتي لاءِ صدر آصف علي زرداري اجازت ڏني آهي. جنهن کي جلد پوليس ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون. جنهن مان 5 هزار ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيا ويندا ۽ 5 هزار اهلڪار اندرون سنڌ مان ڀرتي ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڪنٽرول آهي. اگر ضرورت پئي ته فوج کي به گهرائي وٺنداسون. ملير ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ نه پر ٻن سياسي گروپن ۾ غلط فهميءَ جي ڪري فساد شروع ٿيا آهن. ڪراچيءَ جي ڪٽي پهاڙيءَ ۾ لينڊ مافيا جي دهشتگردن فساد ڪرائڻ جي ڪري ڪراچيءَ جي امن ۽ امان خراب ڪري رهيا آهن. جن مان 7 1 دهشتگردن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ اسرائيل جي مداخلت نه آهي. ڪراچيءَ مان مليل اسلحي تان مختلف ملڪن جا ليبل لڳل آهن. ۽ اهي مارڪيٽ مان آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا. ان لاءِ اسرائيلي مداخلت نٿو چئي سگهجي. آخر ۾ هن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اهلڪارن ۽ شهيدن جي بيوائن کي سرٽيفيڪيت ۽ رقمون پڻ ڏنيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button