اسلام آباد

ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: صدر آصف علي زرداري

Zardariاسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ فوتگين جي پرزور مذمت ڪندي ان کي ڪڌي ڪارروائي قرار ڏنو آهي، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صدر چيو ته ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي عوام جي مدد سان ان قسم جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، صدر صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙن عنصرن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدمن کڻن ته جيئن انهن کي قانون جي مطابق سخت سزا ڏئي سگهجي.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button