سکر

ڪارنھن جي الزام ھيٺ دربدر

سکر(بيورورپورٽ) ڏهرڪي جي رهواسي اسلم شيخ پنهنجي گهر واري مسمات وزيران ،۽ ڀينرن سان گڏ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڏايو ته ڪجهه مهينا اڳ منهنجي ويڳي ڀاءُ شاهنواز مون تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هني گهر ڀاتين ۽ مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون علائقي جي بااثر شخصيت بنا سوچ سمجهه جي منهنجي ٻن ڀينرن کي ڏنڊ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو اهڙي زيادتي ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي جوابدارن اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوليس سان گڏ هنن گهر جو قيمتي سامان ،ٻه مينهون کڻي ٻن ڀينرن کي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا وڏي مشڪل سان جان بچائي در در جا ڌڪا کائي لڪي رهيا آهيون هن اعلي عدالت ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪري ظالمن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button