ٽنڊو محمد خان

ڊي سي او ٽندو محمد خان نئين مالي سال لاءِ بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

تنڊو محمد خان:. ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي پاران مالي سال 2012_2011 لاءِ اڄ ضلعي ڪائونسل جي اسيمبلي هال ۾ ضلعي حڪومت جي 5646 رپين جي بچت سان 2 ارب هڪ ڪروڙ 37 لک 19 هزار 767 رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ خرچ جوتخمينو 2 ارب هڪ ڪرورڙ 37 لک 14 هزار121 رپيا ڄاڻايو ويو آهي . بجيٽ ۾ خرچ جا تفصيل ٻڌائيندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر چيوته ملازمن جي پگهار لاءِ هڪ ارب هڪ ڪروڙ 2 لک رپيا ، غير ترقياتي ڪمن جو خرچ 17 ڪروڙ 89 لک 96 هزار 771 رپيا ، مرمت ۽ سارسنڀال وارن ڪمن جي مد ۾ 5 ڪروڙ 40 لک رپيا ، هلندڙ سالياني ترقياتي ڪمن لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ، نئين سالياني ترقياتي پروگرام ۽ سي سي بي جي مد ۾ 6 ڪروڙ رپيا، پي پي ايڇ آءِ ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ڪروڙ 67 لک 84 هزار 431 رپيا، پي پي ايڇ آءِ جي غير ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ڪروڙ 17 لک 86 هزار 132 رپيا، ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ ڪروڙ ، ٻين ترقياتي ڪمن ۽ گرانٽس لاءِ 5 ڪروڙ 49 هزار 996 رپيا، او زيڊ ٽي آڪٽراءِ يونين ڪائونسل شيئر لاءِ 41 لک 49 هزار 996 رپيا، سوشل ايجوڪيشن رفارم پروگرام (سرپ_1) لاءِ 38 لک 31 هزار رپيا ، (سرپ _ II ) لاءِ هڪ ڪروڙ 45 لک 75 هزار رپيا ، (سرپ III) لاءِ 4 ڪروڙ 25 لک رپيا، شگرسيس جي مد ۾ 4 ڪروڙ رپيا ، ڊسٽرڪٽ بيوٽيفڪيشن پلان لاءِ 7 ڪروڙ 22 لک 79 هزار 621 رپيا، صدارتي پيڪيج تحت 18 ڪروڙ 75 لک ، سيڪيورٽي ڊپازٽ 3 ڪروڙ ، ٽرانزيشن گرانٽ 70 لک 81 هزار 150 رپيا ڄاڻائي وئي آهي. جڏهن ته آمدني جا تفصيل ڪجهه هن ريت ٻڌايا ويا آهن اوپنگ بيلنس 12 ڪروڙ 2 لک 96 هزار 771 رپيا، هڪ لائين بجيٽ هڪ ارب 52 ڪروڙ 41 لک 22 هزار رپيا، تعليم ، صحت، زراعت ، ورڪس اينڊ سروس جي مد ۾ وصولي ۽ محصولات 6 ڪروڙ رپيا، او زيڊ ٽي ڊسٽرڪٽ شيئر 2 ڪروڙ 76 لک 51 هزار رپيا ، او زيڊ ٽي آڪٽراءِ يونين ڪائونسل شيئرز 41 لک 49 هزار 996 رپيا، شگرسيس 4 ڪروڙ رپيا،بيوٽيفيڪيشن پلان ٽنڊو محمد خان 5 ڪروڙ، صدارتي پيڪيج جا 18 ڪروڙ 75 لک رپيا ڄاڻايا ويا آهن . ضلعي ايڊمنسٽريٽر ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ غريب طبقي کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي . هن ٻڌايو ته سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي بيوٽيفڪيشن پلان لاءِ 7 ڪروڙ 22 لک 79 هزار 621 رپيا ، سنڌ ايجوڪيشن رفارمز پروگرام لاءِ 6 ڪروڙ 9 لک 36 هزار رپيا، داوئن جي خريداري لاءِ 3 ڪروڙ رپيا، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينجمينٽ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپيا ،

2
لائيواسٽاڪ کاتي جي دوائن جي خريدار ي لاءِ 75 لک رپيا، ميونسپل لائبريري لاءِ گرانٽ 10 لک رپيا، استادن ۽ سپروائيزرن کي بونس ۽ ڪيش ايوارڊ لاءِ 2 لک 50 هزار رپيا، شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ 10 لک رپيا، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب لاءِ 10 لک رپيا، تعلقي پريس ڪلبن لاءِ 3 لک رپيا ، ضلعي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪلب لاءِ 2 لک رپيا، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي واڌاري لاءِ 10 لک رپيا ، ٻهراڙي جي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ غريب عورتن جي سهائتا لاءِ سلائي مشين جي گرانٽ جي مد ۾ 20 لک رپيا، ايمرجنسي گرانٽ 20 لک رپيا، اسپيشل گرانٽ 10 لک رپيا، معذورن جي ڀلائي لاءِ 5 لک رپيا ، ٻيلي کاتي ۾ وڻن جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ 50 لک رپيا، وچڙندڙ بيمارين تي ضابطي لاءِ 5 لک رپيا جڏهن ته ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جي نظام کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ نادرا لاءِ 78 لک رپين جي گرانٽ پڻ رکي وئي آهي. بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي او ضلعي ايڊمنسٽريٽر سيد برڪات احمد رضوي چيو ته موجوده بجيٽ عوامي بجيٽ آهي جنهن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 75 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جنهن سان ضلعي اندر ترقياتي انقلاب ايندو _ هن پي پي ايڇ آءِ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ضلعي حڪومت پي پي ايڇ آءِ کي ايندڙ مالي سال لاءِ وڌيڪ گرانٽ ڏئي رهي آهي ته جيئن ضلعي جي ماڻهن کي وڌکان وڌ صحت جون گهربل سهوتون فراهم ڪري سگهجن _ هن ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڊزاسٽر مينجمينٽ جي مد ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي _ هن چيو ته ضلعي حڪومت صحت ۽ تعليم سان گڏ زراعت تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ پاڻي کي زيان کان بچائڻ لاءِ واٽر ڪورسن جي مرمت لاءِ 30 لک رپيا مختص ڪياو يا آهن . هن ٻڌايو ته ضلعي اسپتال اندر سرڪاري طور تي ڊائيلاسس ، ٿيليميسيا / بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ کان علاوه لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ هڪ موبائيل وين جو پڻ بندوبست ڪري رهي آهي ته جيئن ڳوٺن ۾ جانورن ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهجي. هن، سنڌ حڪومت طرفان ملازمن جي پگهارن ۾ ڪيل 15 سيڪڙو واڌ ۽ ضلعي حڪومت ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن جي ملازمت ۾ هڪ سال واڌ جو پڻ اعلان ڪيو.بجيٽ اجلاس دوران پ پ پ ٽنڊو محمد خان جي صدر حاجي امين لاکو ، جنرل سيڪريٽري علي اڪبر خاصخيلي ، اي ڊي او فنانس سيد غضنفر شاهه ، اي ڊي او روينيو هادي بخش زرداري، اي ڊي او ايجوڪيشن محمد حسن سومرو سميت پيپلز پارٽي جي عهديدارن ۽ ٻين ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button