ٺٽو

پ پ سرڪار ۽ نام نهاد عدالتون انصاف کان قاصر آهن: نواز خان زنئور

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) غلام الله ۾ جسقم آريسر گروپ پاران شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿين جي ياد ۾ جلسو، شهيد قربان کهاوڙ جي پٽن جي شرڪت. شهيدن جي ڇڏيل مشن کي منزل راهه تائين پهچائڻ جو عهد. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم جي وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته شهيد قومن جي ميراث هوندا آهن جن جي نقش قدم تي هلي قومي آجپو ماڻينداسين. هن چيو ته شهيد قربان کهاوڙ ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سنڌ سان عشق ڪيو ۽ پنهنجي قومي مقصد جي حاصلات واري جدوجهد ۽ زندگي ڏيئي ڇڏي. جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته رياست قومي ڪارڪنن کي هيسائڻ منزل تان هٽائڻ ٿي چاهي پر سندن ارادا ناڪام بڻايا ويندا ۽ آجپي جي جدوجهد جاري رکنداسين. مرڪزي اڳواڻ نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته سانگهڙ واقعي جي قاتلن جا چهرا پڌرا آهن پر پ پ سرڪار ۽ نام نهاد عدالتون انصاف کان قاصر آهن ڇو ته اقتدار جو اصل مالڪ پنجاب آهي ، سيد نواز شاهه ڀاڏائي مرتضيٰ چانڊيو، امير پنهور، خادم رند پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ شهيد قربان کهاوڙ جي پٽن سرويچ کهاوڙ ۽ زين کهاوڙ چيو ته سندن والد سنڌ ڌرتي جي آجپي واري هلندڙ جدوجهد ۾ شهادت ماڻي اسان جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان پڻ سندس راهه تي ڌرتي جي آجپي واري جودجهد کي جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button