مختصر خبرون
پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو
سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪرڻ خلاف ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن خلاف مظاهري ۾ گهر ڪئي ويئي ته حڪومت پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن کي لغام ڏيئي نه ته تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. ڀٽا روڊ سکر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف جسقم ضلعي سکر پاران مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي جسقم صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، قمرالدين گهمرو، مظهر عباسي، جساف جي ياسين مهر، قيوم آصف ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.