پوليس ڪجه ماڻھن جي چرچ تي گئس ملازمن ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪري رهي آهي: ملازم
سکر(بيورورپورٽ) سکر۾ سوئي سدرن گئس جي ملازمن روهڙي ڌماڪي واري واقعي ۾ 6 آفيسر ۽ 3 ملازمن سوڌو 9 ڄڻن خلاف روهڙي پوليس پاران ايف آءِ آر داخل ڪري هڪ ڄڻي جاويد عباسي کي گرفتار ڪرڻ خلاف گوليمار آفيس ٻاهران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ روهڙي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ انسانن جي شڪار ٿيڻ جو کين بي حد افسوس آهي پر اهو واقعو سوئي گئس جي لائين ليڪ ٿيڻ ڪري نه ٿيو هو بلڪي زوردار ڌماڪي سان جهڙي ريت نقصان ٿيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهو ڌماڪو بارودي مواد ڦاتڻ سبب ٿيو آهي ان لاءِ واقعي جي فوري ڀور جانچ ٿيڻ گهري هنن ٻڌايو ته روهڙي پوليس اڳ ۾ هن واقعي کي اتفاقي واقعو قرار ڏئي ڪيس داخل ڪيو هاڻي ڪجه جي چرچ تي گئس ملازمن ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪري رهي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ٿو ڪري سگهجي هنن جو چوڻ هو ته واقعي ۾ فوت ٿيل پوليس اهلڪار بابت پتو پيو آهي ته هو اڳ ۾ بارودي مواد رکڻ جي چڪر ۾ چالان پڻ ٿي چڪو آهي انڪري اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ان واقعي جي جانچ ٿيڻ گهرجي ملازمن ٻڌايو ته جيڪڏهن گئس جي ليڪيج ٿيڻ ڪري واقعو ٿئي ها ته گهر ۾ موجود ڀاتي ڌپ تي بي هوش ٿين ها ۽ باه ڳلي ها پر هي ڌماڪو بم ڌماڪي وانگر هو.واضع رهي ته مهينو کن اڳ روهڙي ۾ گهر اندر ڏماڪي سبب 9 انساني جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهن