سکر
پاڻي چوري خلاف آباد گارن جو مظاھرو
سکر(بيوروپورٽ) ڪنڊيارو جي رهواسي سهتو برادري جي ماڻهن ذوالفقار علي جي اڳواڻي ۾ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته علائقي جي وڏيري اسان جي ڳوٺ وٽان گذرندڙ سنهڙا شاخ ۾ غير قانوني پائيپ هڻي پاڻي چورائڻ شروع ڪري چڏي آهي انهن پائيپن جي ڪڏهن به ٽٽڻ جي ڪري وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ 0 1 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي سگهن ٿا ان ڏس ۾ ايريگيشن کاتي جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيراآگاهي ڏئي چڪا آهيون پر ڪوبه نوٽيس نه پو ورتو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته پائيپ ڪڍرائي نقصان کان بچايو وڃي.