ٻارن کي پوليو جي خطرناڪ بيماري کان بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ تمام گهڻو اهم آهي: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته ٻارن کي پوليو جي خطرناڪ بيماري کان بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ تمام گهڻو اهم آهي ته جيئن پوليو جهڙي موزي مرض کان بچي سگهجي. ڊي سي خيرپور اهڙو اظهار ڇنڇر ڏينهن ٺيڙهي ويجهو کجي جي موسم ۾ آيل پورهيت نوميڊس کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري مختصر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊي سي وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان گڏو گڏ مذهبي اڳواڻن توڙي سماجي ڪارڪنن کي پوليو جي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن پوليو مهم موثر انداز ۾ ڪامياب ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊائريڪٽر صحت ڊاڪٽر طارق علي دُرشهواڻي، ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر احسان سيال، ٺيڙهي جي مدرسي جي عالمن ٻارن کي پوليو جي بچاءُ جا قطرا پياري پوليو مهم جو آغاز ڪيو. جڏهن ته جولاءِ مهيني جي 18 کان 20 تائين هلندڙ پوليو مهم ۾ ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ صحت کاتي جي عملي پاران پنجن سالن تائين جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦُڙا پياريا ويندا.