ٺٽو

ٺٽي ۾ چوماسي جي موسم جو پهريون وسڪارو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي موسم جو پهريون وسڪارو ، موسم خوشگوار ٿي ويئي تفريحي ماڳن تي ماڻهن رخ ڪيو ، ٺٽي شهر سميت ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن سانوڻي مند جي چوماسي جون برساتون شروع ٿي ويون جيڪي وقفي وقفي مختلف علائقن ۾ جاري رهيون برسات جي هلڪي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي ويئي آهي ۽ گرمي پد ۾ گهٽتائي اچڻ کانپوءِ گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ جي سٽيل ماڻهن ٺٽي جي تفريحي ماڳن ڏانهن رخ ڪندي ڪينجهر مڪلي ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي گهمڻ لاءِ پهچڻ لڳا آهن. چوماسي جي پهرين وسڪاري سبب ماڻهن ۾خوشي جي لهر ڊوري ويئي آهي ۽ تفريحي ماڳن تي رونڪون بحال ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button