ٺٽو

ٺٽي ۾ مڪاني نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا، بيروگار نوجوانن جو مظاھرو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي بيروزگار نوجوانن اين جي اوز سميت سماجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ملازمت نه ملڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ۽ اعلان ڪيو ته غير مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران کين روزگار نه ڏنو ويو ته اهي چونڊيل عيوضين جي آفيسن آڌو احتجاجي ڌرڻا هڻي احتجاج جو سلسلو وڌي تيز ڪندا گذريل ڏينهن ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن جي بيروزگار نوجوانن ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري اين جي اوز سميت سماجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ملازمت نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي روزگار ڏيو روزگار ڏيو جا نعرا هنيا ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ممتاز شيخ، عنايت شاهه ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي اندر هڪ سئو کان مٿي غير سرڪاري تنظيمون ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي نالي تي ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن ۾ مقامي ماڻهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي هنن چيو ته ملڪي توڙي غيرملڪي سماجي ادارن ۾ مقامي ٺٽي ضلعي جي بيروزگار نوجوانن کي کڻڻ بدران ٻاهرين ضلعن ۽ ٻاهرين صوبن مان ماڻهو مقرر ڪري سندن حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن جيڪا زيادتي آهي هنن چيو ته هڪ طرف هتان جي چونڊيل نمائندن کين نظر انداز ڪري سرڪاري نوڪرين کان محروم رکيو آهي ته ٻئي طرف اين جي اوز وارن جون به ساڻن نا انصافيون جاري آهن هنن چيو ته اهڙين زيادتين جو فوري طور ازالو نه ڪيو ويو ۽ کين روزگار سان نه لڳايو ويو ته اهي ايندڙ هفتي کان مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو سلسلو تيز ڪندي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي رهائشگاهن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻندا ۽ پنهنجي احتجاج جو سلسلو مسئلن جي حل تائين جاري رکندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button