سکر

هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن: سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

سکر(بيورورپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوري قوم متحد ٿئي سکر ايئرپورٽ تي ضلعي اڳواڻن محمد صالح انڍڙ،مولانا عبدالحق مهر،مولانا سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي سامراجي طاقتون اسلامي ملڪن انڊونيشيا ۽ سوڊان وانگر پاڪستان کي به ورهائڻ چاهين ٿيون ان لاءِ ڪراچي ۾ اهڙو ماهول جوڙيوويو آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي هن چيو ته ڪراچي ۾ جدا صوبي لاءِ ڪيل چاڪنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته سياسي جماعتون به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button