خيرپورراڻي پور

هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر

DC at Sachal Sarmastخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ درازا ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي رمضان 14 تاريخ تي منعقد ٿيندڙ 190 عرس جي مختلف تقريبن جي انعقاد جي حوالي سان سچل يادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي لعل بخش منگي، غلام قاسم جسڪاڻي، ايس پي غلام اڪبر وڳڻ، ضلعي جي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، سگهڙ ۽ ملهه ايسوسيئشن جي اڳواڻن عبدالقادر ميتلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي سي گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو جڏهن عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو. هن ٻُڌايو ته موجوده حڪومت پاران گذريل ٻن ٽن سالن کان درگاهه تي مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ سچل ڪامپليڪس، محفل سماع هال، درگاهه ۽ مسجد جو مرمتي ڪم ۽ ٻيون اسڪيمون شامل آهن جڏهن ٻين اسڪيمن تي پڻ ڪم جاري آهي جنهن ريسٽ هائوس ٻيون اسڪيمون شامل آهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ ميڊيا جي نمائندن کي درگاهه تي هلندڙ ۽ مڪمل ٿيل مختلف اسڪيمن جي حوالي سان آگاهي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button