ٺٽو

هاڻ ٻوڏ متاثرين جو اهم مسئلو سندن روزگار جو آهي جنهن لاءِ پاڪ نيوي پاران تيار ڪيل ماڊل وليج ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن: محمد سرشار

Pak navyٺٽو(سجاد علي ميمڻ)پاڪ نيوي پاران ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ٻيلو شهر لڳ ڳوٺ محمد خان ٻجورو ۾ تيار ڪرايل پاڪ نيوي ماڊل وليج جي گهرن جون چاٻيون ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن حوالي ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ اعلان ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ هٿ جي هنر جي تربيت ڏياري ويندي جنهن لاءِ تيار ٿيل ماڊل وليج جي گهرن ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ تقريب دوران ٻوڏ سٽيل ڳوٺاڻين عورتن ۽ مردن ۾ گهرن جون چاٻيون ورهائڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي پاڪ نيوي جي ملٽري فنانس سيڪريٽري محمد سرشار چيو ته پاڪ نيوي ٻوڏ متاثرين جي ٻيهر بحالي واري فيز 3 جي پروگرام تحت گهر تعمير ڪرڻ بعد متاثر ڳوٺاڻن کي اهي گهر رهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن هن چيو ته هاڻ ٻوڏ متاثرين جو اهم مسئلو سندن روزگار جو آهي جنهن لاءِ پاڪ نيوي پاران تيار ڪيل ماڊل وليج ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جتي ٻوڏ سٽيل ڳوٺاڻن ۽ سندن عورتن کي هٿ جي هنر جي سکيا ڏياري ويندي ته جيئن اهي گهرن ۾ ڀرت ۽ ڪپڙن ٺاهڻ جو پاڻ ڪم ڪري گذر سفر ڪري سگهن ان موقعي تي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد جعفر عباسي اعلان ڪيو ته ضلعي انتظاميا پاران ضلعي ٺٽي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن ۽ سندن عورتن پاران تيار ٿيندڙ هٿ جي هنر کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا ضلعي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ تيار ٿيندڙ سنڌ جي ثقافت وارين شين ۾ ڀرت سميت چولا ، اجرڪون شامل آهن کي مارڪيٽ تائين پهچائي کين مناسب اجورو ڏيارڻ لاءِ پاليسي ترتيب ڏيندي هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٺٽي ۾ هٿ جي هنر وارين شين جي کپت لاءِ مرڪز قائم ڪيا ويندا ، ان موقعي پاڪ نيوي ڪوسٽ جو ڪمانڊر طيب ڊوگر ، فنانس ائڊوائزر ثاقب ، ڪمانڊر وارث موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button