سکر

هاڻي ڪمشنري نظام ختم نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته ان کي اسيمبلي بحال ڪيو آهي: قائم علي شاھ

Qaim Ali Shahسکر(رپورٽ : عمر سومرو )سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هاڻي ڪمشنري نظام ختم نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته ان کي اسيمبلي بحال ڪيو آهي جيڪڏهن ان ۾ ڪا تبديلي جي ضرورت پئي ته اتحادين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا باقي ڪمشنري نظام جي بحالي سان ترقياتي ڪم متاثر ڪونه ٿيندا اگر ڪٿي فنڊ ڪونهن ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ فنڊ جاري ٿي ويندا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳلهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي جيڪا سمورين جمايتن ۽ عوام جي خواهش آهي ان لاءِ سڀ ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هن چيو ته الطاف حسين پاران ڪراچي ۾ امن جي حوالي سان بيان سٺي ڳالهه آهي ان جي آجيان ڪريون ٿاڪراچي ۾ تارگيٽ ڪلنگ دوران گرفتار ڪيلن بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳڏيل طور جانچ ڪري رهياآهن اهو به ٻڌايو ته امن امان جي حوالي سان وزيرن سان اجلاس به گهرايو ويو آهي هن چيو ته امن امان جي بحالي ،عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي شروع کان اولين ترجيع آهي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ مير بابو ٽالپور وچ ۾ ڇڪتاڻ پارٽي پاليسي هيٺ ختم ڪرائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button