مختصر خبرون

نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير

سکر(بيورورپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير سان مصروف ترين روڊ تي شديد گرميءَ ۾ ٽريفڪ جو جام رهڻ معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن ته پهرين آگسٽ کان تعليمي ادارن جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻايل روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويندو. جنهن جي ڪري اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اطهار هن مختلف علائقن مان آيل واپاري نمائندن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، پرويز چنا ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ مطالبو ڪيو ته نيوپنڊ اوور هيڊ برج جي تعمير جلد مڪمل ڪرائي وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پل جي تعمير جي دوران متاثر ٿيندڙ ريس ڪورس روڊ کي فوري هموار ڪري ٽريفڪ جام جي مسئلي کي حل ڪرايو وڃي ته جيئن شهرين کي اذيت ناڪ صورتحال مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button