پريمي جوڙاخيرپور

نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو مغيري ۽ خروس برادري ۾ تڪرار وڌي ويو

خيرپور(رپورٽ اعجاز جکڙ) نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو مغيري ۽ خروس برادري ۾ تڪرار وڌي ويو جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خبرموجب سومر جي ڏينهن لاڙڪاڻو جي ناري بينظير ڌيءُ اعجاز احمد مغيري ويٺل لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ڪچي جي علائقي جي نوجوان صدورو پٽ فتح شير خروس خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي تنهن کان بعد ۾ خروس ۽ مغيري تڪرار وڌي ويو آهي جڏهن ته نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته نوجوان ناري جي اغوا جو ڪيس لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. عدالت ٻاهران جوڙي اخباروارن کي ٻڌايوته اسان هڪٻئي کي ڪيترن ئي سالن کان چاهيندا آهيون پر اسانجا والدين اسانجي شادي ۾ راضي نه هئا تنهن ڪري اسان عدالت معرفت پيار جو پرڻو ڪيو آهي جيڪو اسانجو قانوني ۽ شرعي حق آهي پر اسانجا وارث اسانکي مارڻ جي لاءِ ڳولهيندا وتن ٿا تنهن ڪري خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ ڪيس داخل ڪرايو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button