مختصر خبرون

نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو: غلام علي لغاري

سکر(بيورورپورٽ)سکر شهر جي پنج علائقن ۾ 0 4 سال پراڻي واٽر سپلاءِ لائين تبديل ٿيڻ سبب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) متبادل انتظام ڪندي متاثر علائقن ۾ ٽينڪرز ذريعي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو انتظام سکر ۾ نمائش واٽر ورڪس فيز ٿري کان نمائش چوڪي تائين 0 2 انچ جي واٽر سپلاءِ پائپ لائين تبديل ڪرڻ سبب ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ ترجمان غلام علي لغاري چيو آهي ته مٿي ڄاڻايل تعميراتي ڪم ڪرڻ سبب شهر جي پراڻو سکر، نيو پنڊ، قريشي ڳوٺ، آئوٽر سگنل وارن علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جي فراهمي هڪ هفتي تائين بند رهندي ۽ پائيپ لائين تبديل ٿيندي ئي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي. ترجمان چيو آهي ته نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب جن جاين تي ٽينڪرز ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. انهن ۾ گڏاڻي محله، ريلوي شيڊ چوڪ، گوپانگ محله چوڪ، درزي محله چوڪ، ڀارا محله چوڪ، ڪنڀار محله چوڪ، بسم الله مسجد، مغل ڪالوني نمبر هڪ ۽ 2 ، بروهي محله چوڪ، گلشن چوهان وليج ، گلشن اقبال ، احمد نگر، چانڊيه چوڪ، آغا بدرالدين ڪالوني، بروهي محله ويجهو ڪوثر مسجد اسلام ڪالوني چوڪ انڊس گيهه مل گوليمار اولڊ ناڪا چوڪ چونا ڀٽا نيو پنڊ مائڪرو ڪالوني پير مراد علي شاهه ، شيخ محله سائيٽ ايريا گوليمار ويجهو شڪارپور ڦاٽڪ دبه روڊ پراڻو سکر، سئي گيس آفيس گوليمار ۽ شاليمار پلازه شامل آهن. نساسڪ ترجمان متاثر علائقي شهرين کي گذارش ڪئي آهي ته اهي پاڻي جي استعمال ۾ احتياط سان ڪم وٺن ۽ گهرن ۾ پاڻي ذخير ڪرڻ جو بندوبست ڪن. وڌيڪ چيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل علائقن ۾ ٽينڪر نه پهچڻ جي صورت ۾ نساسڪ جي لاڳاپيل آفيس سان رابطو ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button