سکر

نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا

سکر(بيورورپورٽ)سکر۾ نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا، روڊن تي ڪيترائي ڪيترائي فٽ پاڻي سبب شهرين کي تڪليف ۾اضافو ڪري ڇڏيو. خبر موجب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن جي ناقص منصوبا بندي ڪري شهرين کي شديد مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. نساسڪ انتظاميه فراهمي ۽ ڊرينيج سسٽم جي سلسلي ۾ مڪمل بي وس ۽ ناڪام نظر اچي رهي آهي. نئين پنڊ ، درزي محلي، بروهي محلي، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، سائيٽ ايريا، پراڻو سکر، ٽڪر محله ۽ شهر جي اڌ کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ترسي رهي آهي. گذريل 0 2 ڏينهن کان جاري پاڻيءَ جي قلت شهرين کي شديد پريشان ڪري ڇڏيو آهي. علائقي واسي پري پري وارن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته ٻئي طرف ڊرينيج سسٽم جو پاڻي روڊن تي اچڻ ڪري نشتر روڊ، مارچ بازار، ڍهڪ روڊ، گهنٽا گهر چوڪ، بئراج روڊ، مياني روڊ، جناح چوڪ، مهران مرڪز، ۽ ٻين علائقن ۾ تلائن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. ان سڄي صورتحال جي برعڪس نساسڪ انتظاميا جي ڪنهن به آفيسر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. شهرين ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن مگر نساسڪ انتظاميه جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، ۽ ڪو به عوام جي شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. سکر جي سياسي، سماجي ۽ تاجر تنظيمن جي رهنمائن نساسڪ جي منصوبابندي کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي صوبائي وزير بلديات سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر جي بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جا اقدام ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button