سکر

نئين گورنر جي ڪا خبر ناھي، ايم ڪيو ايم لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا ويا : وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه

سکر( رپورٽ: عمر سومرو)وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نئين گورنر ڪير ٿيندو جي ڪابه خبر ڪونهي پر اسان ڊاڪٽر عشرت العباد جو هڪ هفتو انتِظار ڪنداسين نئين گورنر جو فيصلو پارٽي ڪندي ايم ڪيو ايم لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا ويا کين مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو جمهوري حق موجود آهي اهڙو اِهار هن ڪالهه سکر بلڊ اينڊ ڊونيٽنگ اسپتال جي نئين طڪاس واري سينٽر جي سنگ بنياد رکڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون ڪمپيوٽر لسٽن هيٺ ٿينديون ان لسٽن سان ٽي ڪروڙ ستر لک ڪوڙا ووٽ ڪڍيا ويندا اسان ملڪ ۾ اليڪٽرولرووٽ نِظام رائ ڪري رهيا آهيون 8 1 سال جي عمر رکندڙ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا هن چيو ته پ پ جي مفاهمتي پاليسي ڪنهن هڪ جمايت لاءِ ڪونه آهي هم چيو ته ڪمشنري نظام هيٺ سکر تعلقو هڪ ڪيو ويو آهي هن چيو ته بندر وال جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. ۽ وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. ايندڙ سال وڏي ٻوڏ جو امڪان گهٽ آهي. ۽ ان جي باوجود به آبپاشي انتظاميه کي بندن بابت هوشيار ڪيو ويو آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪو به آپريشن نه پيو ڪيو وڃي. ۽ حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ، رينجرز جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن. ۽ جلد ئي ڪراچيءَ جون حالتون معمول تي اچي وينديون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون هلن پيون. جيڪي جلد واپس حڪومت ۾ شامل ٿيندا. هن چيو ته سکر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت لاڳاپيل عملي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽انهن تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي. جيڪي جلد مڪمل ٿي ويندا ۽ عوام جا مسئلا تيزيءَ سان حل ٿي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button