مهانگائيءَ جي خاتمي مخلص قيادت ۽ خودانحصاري ممڪن آهي: جماعت اسلامي
سکر(بيورورپورٽ)جماعت اسلامي ضلع سکر جي امير مولانا حزب الله جکرو چيو آهي ته مهانگائيءَ جي خاتمي مخلص قيادت ۽ خودانحصاري ممڪن آهي. آمرن جي بوٽ پاليش ڪرڻ وارن ۽ اين آر او جي تحت قائم ٿيندڙ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روهڙي ۾ استقبال رمضان جي پروگرام سان خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري ۽ وڏي مينڊيٽ جو دعويٰ ڪرڻ واري حڪومت جعلي ووٽن جي ذريعي عوام مٿان مسلط ٿي آهي. موجوده حڪومت به اڳوڻن آمرن وارين پاليسين تي گامزن آهي. ملڪ ۾ بجلي جو بحران سان ملڪ معاشي طور تي مفلوج ٿي رهيو آهي. ڪرپٽ سياستدان ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ وڌيڪ غربت، بيروزگاري، فاقه ڪشي، مهانگائي، بدامنيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ذخيرو ڪندڙن ۽ منافع خورن رمضان ۾ وڌيڪ مصنوعي مهانگائي جي تياري ڪري رهيا آهن.