خيرپور

منظور وساڻ سان تعزيت جو سلسلو جاري

خيرپور: سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ جي سس جي جنازي نماز ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي. مرحومه جي جنازي نماز ۾ وزير داخلا منظور حسين وساڻ، پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ، منور علي وساڻ، مريد حسين وساڻ علائقي جي زميندارن، پ پ اڳواڻن، سوين پارٽي ڪارڪنن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. مرحومه کي سندس آبائي قبرستان پير گڊو ۾ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر ظفر بخاري، ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه، ايس ايس پي شڪارپور جنيد شيخ، صوبي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽي اڳواڻن، اعلى آفيسرن، صحافين سميت علائقي جي هزارين معززين تڏي تي پهچي تعذيت ڪئي. جڏهن ته صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان آصف علي خان زرداري، وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، گورنر پنجاب لطيف کوسا، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رعيساڻي، گلگت بلتستان جي وزير اعلى سيد مهدي شاهه، سينيئر وزير بلوچستان اسرار احمد ۽ ٻين فون ذريعي گهرو وزير منظور حسين وساڻ سان سندس سس جي وفات تي تعذيت ڪئي. جڏهن ته ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ منظور حسين وساڻ، نواب خان وساڻ ۽ وساڻ خاندان سان تعذيت جو سلسلو جاري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button