خيرپور

محڪمه بهبود آبادي کاتي جي خيرپور آفيس پاران 11 جولاءِ 2011 تي ھڪ واڪ جو اھتمام ڪيو ويو آھي

خيرپور: ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر خيرپور قربان علي ڀيو هڪ ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته محڪمه بهبود آبادي کاتي جي خيرپور آفيس پاران دنيا اندر 11 جولاءِ جي ڏينهن کي هر سال آباديءَ جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي حوالي سان 11 جولاءِ 2011 تي صبح جو 9 وڳي سوڪ سينٽر خيرپور کان ليڊي ولنگٽن اسپتال تائين هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي اِي ڊي او صحت خيرپور ڊاڪٽر احسان علي سيال ڪندو جڏهن ته هن واڪ ۾ زندگي جي مختلف مڪتبِ فڪر جا ماڻهو، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button