ٺٽو

صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي سان سنڌ کي وڌيڪ فائدو رسندو: صوبائي وزير محمد ملڪاڻي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ). ق ليگ جي حڪومت ۾ شموليت بعد ڳوٺاڻي ترقي بابت سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيل سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ سياحت کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيل محمد علي ملڪاڻي جي ڪابينا ۾ شموليت بعد پهريون ڀيرو ٺٽي پهچڻ تي شاندار استقبال ، اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي ، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ شيرازين جي حامين هزارين گاڏين جي قافلن جي صورت ۾ اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ محمد علي ملڪاڻي جي گهگهر ڦاٽڪ ، ڌاٻيجي ، گهارو، گجو ۽ مڪلي تي استقبال ڪرڻ بعد کين وڏي جشن ريلي جي صورت ۾ ٺٽي آندو ويو ، جتي وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪارسيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ صوبائي وزير محمد ملڪاڻي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي سان سنڌ کي وڌيڪ فائدو رسندو هنن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ چودري شجاعت مٿن اعتماد ڪندي کين سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ اهي موجوده حڪومتي قيادت ۽ ق ليگ جي مرڪزي قيادت پاران عائد ڪيل ذميوارين کي بهتر نموني نڀائڻ ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا ، هنن چيو ته عوام جي اجتماعي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون، ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي خطاب ڪندي چيو ته شيرازي ڀائرن هميشه ضلعي ٺٽي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هن وقت به اهي ان عزم کي جاري رکندا هن چيو ته جيڪڏهن اسان عوام جي اعتماد تي پورا نه لٿا سين ته اهڙي اقتدار ۾ رهڻ کان بهتر اهو هوندو ته استعيفائون ڏيئي ڇڏيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button