مختصر خبرون
صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو
سکر(بيورورپورٽ) ڪراچي جي صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي زمان باجوا،عمر سومرو،پرويز خان،رضوان صديقي ،فريد سومرو ۽ ٻين چيو ته وڏي افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو حڪومت نوٽيس نه پئي وٺي جنهن جو واضع ثبوت صحافي جو اڃان تائين بازياب نه ڪرائڻ آهي لڳي ٿو ته حڪومت دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام پڻجي سندن آڏو بي وس بڻجي وئي آهي هنن اعلي عدالت ۽ سند هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.