سکر

شڪارپور ۾ 0 1 محرم تي خودڪش بمبار کي روڪيندي زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شبير احمد کي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دراني سان نه ملڻ ڏنو ويو

سکر(بيورورپورٽ) هڪ سال اڳ شڪارپور ۾ 0 1 محرم تي خودڪش بمبار کي روڪيندي زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شبير احمد کي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دراني سان نه ملڻ ڏنو ويو زخمي حالت ۾ آيل اهلڪار کي پنهنجي ئي پوليس جي اهڪارنادر علي ملڪاڻي ڌڪا ڏئي ڌمڪيون ڏنيون ته زوري اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪيئي ته تنهنجي حالت وڌيڪ خراب ڪندس ان ڪري عزت سان واپس هليو وڇ متاثر اهڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته هن مهل تائين ڪيرائي آپريشن ڪرائي چڪو آهيان هن هن مهل تائين پوليس کاتي پاران ڪا رقم ناهي ملي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي مون آءِ جي سنڌ جي سکر اچڻ جي خبر پئي ته کيس دانهڻ لاءِ آيس پر افسوس جو پنهنجن اهلڪارن به زيادتي ڪئي هن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته سندس پرگهور لهي علاج مڪمل ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button