ٺٽو

شيرازي برادران کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي خوشي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ريليون

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي شيرازي برادران کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي خوشي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ريليون ، شيرازي گروپ جي ماڻهن پاران مٺايون تقسيم ڪري مبارڪباد ڏنيون ويون. ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ ق ليگ ۾ شامل شيرازي گروپ جي سرواڻ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي کي صوبائي صلاحڪار ۽ شيرازين جي اتحادي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي کي صوبائي وزير بنائڻ جي خوشي ۾ ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي شيرازين جي حامين پاران مٺايون تقسيم ڪري پنهنجي قيادت تي ڀرپور نموني اعتماد جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button