خيرپور

شادي شده نوجوان عورت اغوا، ڏيڍ سال جو معصوم نينگر پنهنجي امڙ جي کير لاءِ تڙپندو رهي ٿو

Kidnapخيرپور(رپورٽ اعجاز جکڙ) هٿياربند ڌاڙيلن شادي شده نوجوان عورت فهميده ميتلو کي اغوا ڪري ويا ڏيڍ سال جو معصوم نينگر پنهنجي امڙ جي کير لاءِ تڙپندو رهي ٿو سس سهري جي پريس ڪانفرنس خبرموجب احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوڏ ميتلا جي رهواسين ربنواز ميتلو سندس گهرواري حسنا ميتلو سومر جي ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيوته بدنام ڌاڙيل اڪبر ميتلو، غلام قادر ميتلو، ممتاز ميتلو، غلام شبير ميتلو ۽ ٻين اسانجي گهر تي ڪاهه ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪرڻ کانپوءِ منهنجي ننهن فهميده زال سڪندر ميتلو کي اغوا ڪري ويا اغوا دوارن هٿياربندن منهنجي معصوم ڏيڍ سال جي پوٽي سمير کي ماءُ جي ڪڇ تان کسي کٽ تي ڦٽي ڪيو هٿياربند منهنجي ننهن فهميده کي صرف حوس جو نشانو بنائڻ جي لاءِ اغوا ڪيو آهي واقعي جو اطلاع بروقت احمدپور پوليس کي ڏنوسين پر جوابدار ڏاڍا مڙس هجڻ جي ڪري پوليس نه اسانجي ننهن واپس ڪرائي ٿي نه وري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٿي هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چوڌري افتخار احمد ۽ وزير اعلى سنڌ سيدقائم علي شاهه کان مدد جي گهر ڪئي آهي هنن چيوته جي انصاف نه مليو ته هو پاڻ کي ڊي پي او آفيس اڳيان باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا جنهن جي ذميوار احمدپور پوليس هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button