سکر

سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 3 ڄڻن کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ ھڪ ٻئي جو لاش به مليو

سکر(رپورٽ؛ عمر سومرو)سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 3 ڄڻن کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ صبح جو واه مان هڪ وڌيڪ ڄڻي جي لاش ملڻ کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري تي پوليس چڙهائي چڙهائي ڪري ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نينگر فياض احمد جانوري،نوجوان عبدالسميع ۽ عبدالحميد حيدر جانوري کي ماريو هو جڏهن ته 4 ماريل جي سڃاڻپ خان محمد جانوري طور ٿي آهي گذريل رات جانوري برادري جي ماڻهن عورتن سان گڏ لاش کڻي اسٽيڊيم چوڪ ڌرڻو هڻي پوليس جي ظلم خلاف سخت نعري بازي ڪئي وارث عورتن قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءَ ٻاڪاري رهيو هيوجن جو چوڻ هو ته سکر پوليس اسان جي گهرن تي بلاجواز چڙهائي ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ماڻهو مارجي ويا وارثن اڱاري ڏينهن ٻار جو لاش ۽ ٽن ٻين لاشن سميت هاءِ ڪورٽ بينچ سکر سامهون لاش رکي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتولن جون وارث عورتون ماتم ڪنديون رهيون ۽ پوليس کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو. احتجاج تي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سلمان احمد واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سکر اعتزاز گورائيه کي فوري طور تي عدالت ۾ طلب ڪيو. ۽ ان کي حڪم ڏنو ته مقتول جي وارثن جي خواهش مطابق قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻي پاسي آءِ جي سنڌ پوليس واقعي جو نوٽيس وٺندي دي آءِ جي سکر کي جانچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي اطلاع آهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس به سکر پوليس جي اهڙي ڪاروائي جو نوٽس ورتو آهي هوڏانهن پ پ جي اڳواڻ شرميلا فاروقي 2 1 سالن جي نينگر سميت 4 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي ظلم جو دهشتگردي ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ گهرجر جيئن پوليس کي اهڙي ظلم جي جرت نه ٿئي ڄاڻايل ڪارائي 2 ڏينهن اڳ .ڊي پي او سکر جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جو ڳوٺ علي شير جانوريءَ تي ڪڙو چاڙهي رستا سيل ڪرڻ بعد ڪئي.پوليس واقعي کي شيخ جانوري تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪاروائي ڏيکاري پر جانوري برادري جي ننڊ ستلن کي ماري ڌاڙيل قرار ڏئي انعام وٺڻ واري لالچ پوليس کي ڏجي ۾ وجهي ڇڏيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button