سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جوو سلسلو جاري
سکر(بيورورپورٽ)سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جوو سلسلو جاري آهي دهلي مسلم سوسائٽي سميت ٻين سوسائيٽن ۾ مالڪي جا ڪاغذ کڻي صحيح ڪرائڻ لاءِ متاثر ماڻهو دربدر ٿيڻ لڳا پر سيڪريٽري سندن مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ معاملي کي مسلسل اينگاهيندا پيا آچن ان ڏس ۾ متاثر شخص هادي بخش ٻڌايو ته دهلي مسلم سوسائٽي جي سيڪريٽري سڪندر آرائين ڏانهن گذريل ٽن مهينن کان پنڌ ڪري رهيو آهيان پر هو پلاٽ جي مالڪيءَ واريون رسيدون ڏيٻ کان لنوائيندي آسرا ڏئي رهيو آهي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته 7 7 9 1 کان پوءِ ايريگيشن ،روينيو،ريلوي ۽ ميونسپل جي ايراضين کي ملائي قائم ڪيل سوسائيٽين ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ کان پوءِ سوسائيٽين جي سيڪريٽرين قانون جي خلاف ورزي ڪندي ڪيترائي پلاٽ ڪينسل ڪري ٻين جي نالن تي غاغذن ۾ وڪرو ڏيکاريا آهن اهڙي قسم جون درخواستون محتسب اعلي،۽ مقامي عدالتن ۾ جمع ڪرائڻ کان سواءِ ڪو آپريٽو کاتي جي آفيسرن حوالي ڪيون ويون آهن جيڪي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ بدران لاڳيتو التوا جو شڪار آهن.