مختصر خبرون
سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو
سکر : سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هٿيار بند فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شا ليمار روڊ تي سيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار رحيم بخش ڪورائي تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر ۾ نيو ويو آهي.مقتول ڪورٽ جا نوٽيس پهچائڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ هو معمول موجب ڪورٽ ڏانهن وڃي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو .