سکر

سياسي مفاد پرست ٽولي ۽ ان جي ساٿاري افسر شاهيءَ جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ 1 0 0 2 ع ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام ٺاهيو هو: ناصر شاھ

سکر(بيورورپورٽ)لوڪل ڪونسل ايسوسي ايشن سنڌ جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سکر ڪنونشن ۾ سڄي ملڪ جي اڳوڻن ناظمن، سول سوسائٽي، صحافين ۽ عام ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي ڪمشنري نظام کي رد ڪري چڪا آهن. ڇو ته ڪمشنري نظام سان عوام هڪ ڀيرو ٻيهر بيورو ڪريٽس جي آفيسن ٻاهران پريشان حال نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته سياسي مفاد پرست ٽولي ۽ ان جي ساٿاري افسر شاهيءَ جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ 1 0 0 2 ع ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام ٺاهيو هو. ۽ ان جي انتهائي ڪاميابيءَ سان گڏ نظام هلندو رهيو ۽ ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ تيزيءَ سان ترقياتي ڪم ٿيا ۽ عوامي مسئلا به حل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. مگر سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي جمهوري فلاحي نظام تي ڌاڙو هڻي ڪري انگريزن جو ٺاهيل نظام رائج ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي. جيڪي آزاد ملڪ جي آزاد عوام کي هر گز قبول نه آهي. هن چيو ته سکر ڪنونشن جي ڪمشنري نظام خلاف عوام کي ريفرنڊم قرار ڏيندي چيو ته اهو صرف ڪنونشن نه هو بلڪي ڪمشنري نظام جي خلاف هڪ تحريڪ جو ڀرپور آغاز آهي. ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان ۽ سنڌ جو عوام ملي ڪري ان ظالماڻي ۽ غير جمهوري نظام کي هر سطح تي مزاحمت ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button