سول سوسائٽي صفائي سٿرائي جي حوالي سان پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سرگرميون شروع ڪري: فانسا
سکر: فريش واٽر ايڪشن نيٽ ورڪ سائوٿ ايشيا (فانسا) پاڪستان پاران سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ صفائي ۽ سٿرائي جي چوٿين ڪانفرنس جي سلسلي ۾ فالواپ ورڪشاپ ٿي گذريو. ورڪشاپ ۾ علائقي جي مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان وسطو رکندڙ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ورڪشاپ ۾ نيٽ ورڪ جي صوبائي فوڪل پرسن اختيار خاصخيلي ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي فريش واٽر ايڪشن نيٽ ورڪ سائوٿ ايشيا (فانسا) جو تعارف، جوڙ جڪ ۽ پاڪستان چيپٽر بابت تفصيلي ڄاڻ ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني. ان کانسواءِ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ تازو سريلنڪا ۾ سائوٿ ايشيا خطي جي صفائي ۽ سٿرائي جي حوالي سان فانسا پاران منعقد ٿيل چوٿين ڪانفرنس کان پهريان سائوٿ ايشيا جي سول سوسائيٽي جي نمائندن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ منظور ڪيل قراردادون ورهايون ويون ۽ ان بابت کين تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. جڏهن ورڪشاپ ۾ اختيار خاصخيلي وڌيڪ ٻُڌايو ته اپريل 2011 ۾ سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو ۾ ڏکڻ ايشيا جي اٺن ملڪن جي حڪومتن جي چوٿين گڏجاڻي جنهن ۾ گذريل گڏجاڻي ۾ منظور ٿيل قراردادن تي ٿيل عملدرآمد ۽ آئينده لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ منصوبه بندي ڪندي مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون هيون جنهن ته عمل ڪرڻ سان ڏکڻ ايشيا مان ٻارن جي اموات جي شرح گهٽائي سگهجي ٿي. هن موجوده سول سوسائيٽي تي زور ڀريو ته هوُ صفائي سٿرائي جي حوالي سان پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سرگرميون شروع ڪن ته جيئن ملينئم ڊولپمينٽ گولز حاصل ٿي سگهن. ان موقعي تي صوبائي واش ڪوليشن جي ڪوآرڊينيٽر شهزادو خاصخيلي، جميل ايوب مهر، اقبال موريجو، امتياز ڦلپوٽو، زاهد ڏهوٽ، صاحب خان ڀنڊ، شجاع صديقي، ريحانه زمان، فرزانه گهُنيو، نصرت ڀٽي، ديپا ڪماري، اسما کوسو، ڪينجهر سومرو، امين خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪري ورڪشاپ جي موضوع تي بحث ڪري حصو ورتو.