سکر

سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون

CNG stationsسکر(بيورورپورٽ)سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون. گاڏين جي بند ٿيڻ سان مسافر سخت پريشان پيٽرول تي گاڏين ۾ رش ڪرائي ۾ واڌ گاڏين ۾ رش وڌي وڃڻ اوور لوڊ هجڻ ڪري مسافرن کي سفر دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گاڏين جي کوٽ هجڻ ڪري اسٽاپن تي ماڻهن جا هجوم ، خبر موجب حڪومت پاران پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ گاڏي مالڪن پاران پنهنجون گاڏيون پيٽرون تان ختم ڪرائي سي اين جي تي آڻي ڇڏيون آهن حڪومت جي اعلان کانپوءِ اندرون سنڌ جي شهرن ۾ 2 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن روهڙي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ ، سيٺارجه، هنڱورجه، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون آهن گاڏين جي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ هزارين سفر ڪندڙ مسافر پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏهن ته پيٽرول تي هلندڙ گاڏين ۾ رش وڌي وئي آهي ۽ مختلف روٽن ۽ لوڪل هلندڙ پيٽرول تي گاڏين ۾ وڌيڪ رش هجڻ ڪري گاڏيون اوور لوڊ ڪري مسافرن کي سفر دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ۽ پيٽرول جي گاڏين مالڪن ان جو فائدو وٺندي ڪرايا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ڪري گاڏين مالڪن ۽ مسافرن ۾ ڪراين تي منهن ماري ٿ يندي رهي ٿي گاڏين جي کوٽ هجڻ ڪري مختلف شهرن جي بس اسٽاپن تي ماڻهن جا هجوم بيٺل رهيا آخر ۾ شهرين ۽ سفر ڪندڙ مسافرن حڪومت کي مطالبو ڪيو آهي ته سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڪري سي اين جي اسٽيشنون فوري طور تي کوليون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button