آرٽيڪل

سنڌي هجڻ جي سزا

جواد شاه بخاري
پاڪستان جا خالق ۽ ان کي اڏيندڙ، ڏکڻ ايشيا کي پهريون قائد ڏيندڙ، پهريون گورنر جنرل، اسيمبلي مان پاڪستان جي حمايت ۾ ٽهراءُ منظور ڪرائيندڙ ، ڪلمي گو،پر،نسلن ڌارين کي پناه تي حب وطن ۽ حب اسلام جي پوري پوري پاسداري ڪندي دل جا دروازا کولي ڌرتيءِ تي پناه ڏيندڙ، منيئ صدئ کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود، هر دوءُر جي آمر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ جمهوريت لاءِ جان گهوري، جمهوري پاسداري جي محافظ ، اڄ بـ ملڪ جي ”اصلي تي وڊا“ جي عتاب جو نشانو بڻجندڙ يا بڻيل، اسلام ۽ پاڪستان جي نام نهاد نعري ۽ نالي جي آڙ ۾ ”اڻ ڪئي گذارڻ جي سزا“ ڀوگيندڙ سنڌ ۽ سنڌي پنهنجي صوبي جي واحد ۽ ملڪ جي واحد وفاق ۽ جمهوريت پرست پارٽي کي (پاڻ مٿان لڳل هر الزام، هر ڌاريپ جي احساس کي پوئتي ڦٽي ڪندي فراخدئي ۽ سچائي سان) ستون دفعو وفاقيت جو مظاهرو ڪندي محب وطن ۽ سچو پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏيندي”بلئنڪ چيڪ“ ڏيندڙن جي چونڊيل نمائندن عوامي، جمهوري حڪومت ۾ بـ ڪتاب هيٺ آهن. ٻيو ڪجه تـ پنهنجي جاء تي ملڪ جي ڪمزوري معاشي حالت، اندروني ۽ بيروني دٻاءَ، نظرياتي ۽ سياسي ٽڪراءٌ ۽ چيقلشون، اندروني ويڙه، خانـ جنگي ڏانهن تيزي سان وڌندڙ حالتون، دهشتگردي، بدامني، قبائلي جهيڙا، ناانضافيون، مهنگائي جي راڪاس ۾ تڙپندڙ زندگي گهاريندڙ سنڌي ماڻهن کي مختلف وقتن تي اڀرو سڀرو مليل روزگار کان بـ محروم ٿيڻ ڄڻ مقدر بڻيل آهي. موجوده حڪومت ”اٽي لٽي ۽ اجهي“ وارو ڏنل پنهنجي نعري جو مان تـ ڪونـ رکي سگھي آهي پر مليل روزگار جو تحفظ بـ ڪونـ پئي ڪري سگھي ۽ مختلف کاتن ۾ آئي ڏينهن پنهنجي توڙي پراون آفيسرن ۽ قوميتن جي بالا آفيسرن، انهن جي ڪميونٽي ۽ ذهنيت جي ڪوڙن الزامن هيٺ بيروزگاري ڪرڻ جو سلسلو جاري لڳو پيو آهي. اهڙوئي هڪ عمل ملڪ جي راڄڌاڻي اسلامآباد ۾ وفاَق پرستن جي ٺيڪيدارن هٿان، اسلام جي نعري ۽ پاڪستان جي نالي ۾ رڳو لفاظي ڪندڙ ”بغض معاويـ“جي اصولن تي هلندي ملڪ جي وڏي يونيورسٽي”قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد“ مان هر سال سنڌي استادن کي ڪنهن غير سنڌي شاگرد جي ڪوڙي افواهي الزامن جي آڙ ۾ زبردستي نيڪالي ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. ڇو تـ هي ڪنهن باصلاحيت سنڌي کي ڪڏهن بـ هڪ اک ناهي ڀانئيو، سو پنهنجي روايت برقرار کندي هن ڀيري بـ ايريا اسٽڊي/ پولٽيڪل سائنس جي ايسوسيئيٽ پروفيسر منورپنهور، پاڪستان اسٽڊي جي حيدر سنڌي، ايڪنامڪس جي پروفيسر احمد نواز هڪڙو کي تنگ ڪري ڀڄارڻ کانپوء هاڻ وري آٽي(IT) جي ليڪچرار نور مصطفئ اعواڻ لاء ڌرتي تنگ ڪري کيس ڀڄارڻ لاء سانباها ڪيا پيا وڃن، ڪريل الزام هڻدي مقدس پيشي ۽ عهدي جي توهين ڪندي باوقار هستيءَ جي بيحرمتي ڪندي توهين کيس اسٽيعفا ڏيڻ يا يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هتي اها ڳاله واضع ٿيڻ ضروري آهي تـ ڄاڻيل محترم استادن مٿان لڳايل الزامن کي ثابتي بنائي کين ڀڄارڻ تي مجبور ڪيو پيو ۽ ساڳي ريت هن ڀيري بـ ساڳيو عمل دهرايو پيو وڄي. هنن جي بد نيتي جو ثبوت اهو آهي تـ نور اعواڻ جو اڃا ڪو فيصلو ٿيوبـ ناهي پر آچر 3 جولاء جي روزاني ڪاوش اخبار جي صفحي نمبر 5 جي لوئر هاف ڪواٽر پيج تي ساڳي پوسٽ لاء اشتهار ڏنو ويو آهي، (جيڪو وري ساڳيو اشتهار 8جولاء واري ساڳي اخبار ۾ ڏنل آهي) جنهن ۾ واضع طور تي لکيل آهي تـ پهرين اشتهار ۾ ڏنل تجربو/تجربي جو حد گهٽ هجيـي“ لکيل آهي. يعني اهو شڪ پئدا ٿي ٿو تـ هنن وٽ ڪو گهٽ تجربيڪار پنهنجو ڪو اڳواٺ ئي اميدوار آهي جنهن کي هن سنڌي ليڪچرار نور مصطفئ اعواڻ جي جاءِ تي آڻڻ چاهين ٿا ۽ آستهار رڳو فارملٽي طور ڏنو ويو آهي.
هتي اهو سوال پئدا ٿو ٿئي تـ هڪ سنڌي جيڪو باصلاحيت بـ آهي، تجربيڪار ۽ کيس هڪ سال کان وڌيڪ عرصو هن اداري ۾ پڙهائيندو ۽ ڪو ڪندي بـ ٿيو آهي يا هن کان اڳ ۾ ڪڍياويل سمورا استاد پڻ محنتي، تجربيڪار ۽ باصلاحيت هئڻ باوجود کين مختلف وقتن تي پنهنجي ”اصلي تي وڊا“ واري ذهنيت تحت ”سنڌي هئڻ جي سزا“ ۾ يونيورسٽي مان نيڪالي ڏئي کين بيرزگار ڪيو ويو ۽ هاڻ وري نور مصطفئ اعواڻ جو وارو آيو آهي.
هن سموري صورتحال ۾ جيڪڏهن ايماندارئ سان تجزيو ڪيو وڃي تـ جيڪي الزام هنن قابل احترام استادن مٿان لڳائي کين اداري مان نيڪالي ڏيڻ واري روايت قائم ڪئي وئي آهي ان کان وڌيڪ غلط ۽ غليظ /غير اخلاقي حرڪتون ۽ عملن جا ثبوت تـ ان اداري جي ذميوارن يعني ”اصل تي وڊا“ جي ذهنيت رکندڙ نام نهاد وفاق پرست ۽ پاڪستان جي ٺيڪيدارن تي وقت بوقت لڳندا ۽ ثبوت ظاهر ٿيندا رهيا آهن پر انهن تي ڇپر ڇانؤ ۽ ڍڪ ان ڪري ڏنو ويو آهي جو انهن خلاف ڪو ٻڌڻ ۽ انصاف ڪرڻ وارو ڪو آهي ئي نـ ڇو تـ سنڌي ۾ چوڻي آهي تـ ”…………….بـ جهان خان ۽ فيصلو بـ جهان خان“ وارو قصو آهي. تنهنڪري انهن بااصول سچن پاڪستانين خلاف ڪاروائي ڪرڻ يا ڪڇڻ جي جرائت ڪونـ ڪئي وئي ۽ رڳو سنڌين خلاف ڪنهن نـ ڪنهن صورت ۾ ڪات ڪهاڙا اّڀا لڳا پيا آهن.
هتي منهنجو مقصد هر گز اهو ڪونـهي تـ انهن جيڪي غلط ڪم ڪيا يا ڪن پيا سي ٺيڪ هئا ۽ رڳو سنڌين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هتي ڳاله جو مقصد اهو اهي تـ رڳو ”سنڌي“ هئڻ، سچي پاڪستاني ۽ وفاق پرست حامي هئڻ ۽ ماڪ بچائڻ لاء هر محاذ تي پنهنجي صلاحيتن آهر سچائيّ سان وطن دوستي نڀاهڻ وارن سنڌين مٿان ايڏيون وڏيون تهمتون ۽ الزام ۽ پوءِ بـ کين وطن دشمن ظاهر ڪرڻ واري فلاسافي نيٺ ڪٿي وڃي دنگ ڪندي؟ اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو بـ نـ آهي؟ ۽ اها بـ حقيقت آهي ۽ يقينن ان ڳاله کي ذهن نشين بـ ٿيڻ گهرجي انهن ”اصلي تي وڊا“ کي تـ سنڌي اڄ جن حالتن ۾ جو ڪجه ڀوڳي رهيا آهن ۽ کين نشانو بڻائيندڙن کي بنگال مان سبق سکڻ گهرجي ڇو تـ اتي بـ ساڳيا ڊراما اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۽ نعري جي آڙ ۾ ڪيا ويا هئا ۽ پوء ان جو نتيجو دنيا ڏٺو تـ 25 سالن ۾ ملڪ کي ٻـ اڌ ڪيو ويو ۽ هاڻ بـ ضروري ناهي ۽ نـ ئي ڪا ايت لٿي ۽ قراني صحيفو نازل ٿيو تـ پنهنجي ايندڙ نسلن کي تباه ڪرائڻ لاءُ اڃان بـ هنن ”اصلي تي وڊا“ جي سڏرائڻ جو انظار ڪيو وڃي جن ملڪ ٺاهيو آهي سي پنهنجو فيصلو هڪ ڏينهن بدلائي بـ سگهن ٿا ۽ پوءِ انهن پاڪستان جو ٺيڪيدارن، وفاق پرستن ۽ محب وطن جي نام نهاد نعري جي آڙ م ٻين قومن سان ٻـ اکيائي وارا رويا رکندڙ مستقبل ۾ سنڌين جائي محتاج ٿيندا ڇو تـ قدرتي وسيلا ۽ پورٽ (سمنڊ) سنڌ ۽ سنڌين وٽ آهي- نقصان سندوئي ٿيندو.

Email: [email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button