خيرپور

رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين سستا اگهه مقرر ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ پهچايو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

DC Khairpur Meeting Photo
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ رمضان المبارڪ دوران ضلعي اندر عام واهپي جي شين جا رعايتي اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي تمام تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، انجمنِ تاجران ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته هرسال جيئان رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين سستا اگهه مقرر ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ پهچايو ويندو جڏهن ته عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولت ڏيڻ لاءِ رمضان مهيني جي دوران ڇٽي چوڪ ويجهو بچت بازار پڻ لڳائي ويندي. ان موقعي تي ڊي سي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي صلاح ۽ مشوري سان مختلف شين جا گهه مقرر ڪيا جنهن ۾ دال مسور هڪ 110 روپيه ، دال مسور ٻه 100 روپيه ، دال مُنڱ 115 روپيه ، دال چڻا 65 روپيه، دال مٽر 60، بيسن 50 روپيه، تُرڪي جا چڻا 145 روپيه، اڇا چڻا 100 روپيه، چانور ڪرنل 85 روپيه، روسي چانور 62 روپيه، ننڍو گوشت 210 روپيه، کير 60 رپيه ۽ برف 5 روپيه في ڪلو مقرر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي تمام ايس ڊي ايمز ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي جي مارڪيٽن ۾ عام واهپي جي شين تي مقرر ڪيل اگهن تي عمل ڪرائين جڏهن ته عمل نه ڪندڙن دڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button