سکر

دڪاندارضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن: ڊپٽي ڪمشنر

سکر: ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد ڊي سي آفيس ۾ رمضان المبارڪ دوران مهنگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان واسطيدار آفيسرن ايس ڊي ايم، مختيارڪارن ضلعي جي سمال ٽريڊرس، واپارين سميت ڪريانه، ٻاڄي، فروٽ، گوشت، مڇي جي واپارين سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن ۽ واپارين کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي دڪانن تي ضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن. جن ۾ ضلعي انتظاميه طرفان رمضان المبارڪ دوران شين جا رعايتي اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو ذخيره اندوزي کان پرهيز ڪن، مهنگائي ڪرڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. انهيءَ دوران ايس ڊي ايمز ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي ذميدارين کي صحيح نموني سان سرانجام ڏين. مهنگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا دورا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سرڪار اڳ ۾ ئي رمضان پيڪيج 2011، تحت اٽي جي 10 ڪلو گرام واري في بيگ جو 210 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. اهو اٽو غريب ۽ مستحق ماڻهن کي رعايتي اگهه سان ڏنو ويندو. انهيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر يوٽيلٽي اسٽورن جي ذميدارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button