خيرپور نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي : محمد عباس بلوچ
ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي جي تمام هاءِ توڙي هائير سيڪنڊري اسڪولس کي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ کين راندين جو سامان ڏنو پيو وڃي ته جيئن راندين جي سامان ڀرپور فائدو وٺندي ضلعي جي مختلف اسڪولس جا ٻار صوبي توڙي ملڪ جي مخلتف راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺي سگهن. ان موقعي تي اڳوڻو اِي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي مختلف اسڪولس ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين کي وڌايو پيو وڃي جڏهن ته اسڪولس ۾ غير حاضر رهندڙ عملي ۽ استادن خلاف سخت قدم کڻي تعليم معيار ۾ بهتري آندي وئي آهي. هن وڌيڪ اسڪولس جي هيڊ ماسترن کي راندين جي ملندڙ سامان کي صحيح استعمال ۽ ٻارن جي غير نصابي سرگرمين کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊي او هيڊ ڪوارٽر غلام شبير ميمڻ، ناز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد ميمڻ، ڊي او عبدالجبار مري ۽ ٻين خطاب ڪيو.