مختصر خبرون
حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي آل پارٽيز ڪائوسنل پاران بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ سکر پاسپورٽ آفيس ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪرپشن خلاف 7 2 جولاءِ تي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي مولانا عبيدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ويو آهي حڪمران هوش کان ڪم وٺي تدارڪ ڪن ٻي صورت ۾ عوام کين معاف نه ڪندو ۽ وقت اچڻ تي سخت احتساب ڪندو اجلاس ۾ الله داد بوزدار،ظفر اقبال آرائين،عبدالحق مهر،لالا سهيل پٺاڻ ،جاويد جتوئي،نصير گوپانگ،منور ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪندي فيصلو ڪيو ته سکر پاسپورٽ آفيس خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.