حالتون 86 کان به خراب آهن، جلد بحال نٿو ڪرائي سگهان، سڀني کي سنڌي مڃون ٿا پر دل سان سنڌي ٿيڻ کپي: منظور وساڻ

ڪراچي : سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته آئون سنڌ جو محافظ آهيان، امن جلد بحال نٿو ڪرائي سگهان. ان لاءِ سڀني جي سهڪار جي ضرورت آهي. ڪراچي جون حالتون 86ع کان به خراب آهن، اسان سڀني کي سنڌي مڃون ٿا پر دل سان سنڌي ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي متحده جي ميمبر شيخ افضل جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ملير جي کوکرا پار واري علائقي ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ نديم، ڪرم، نواب، اختر ۽ مراد شامل آهن. هن ايوان کي ٻڌايو ته مون صبح جو 7 وڳي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ۽ ڊي جي رينجرز کي حڪم ڏنو آهي ته وڳوڙي علائقن ۾ وڃي حالتن کان مون کي باخبر ڪري. هن چيوته ضرورت پئي ته مون پاڻ ملير جي وڳوڙي واري علائقن ۾ ويندس جيئن ماڙيپور ۾ ڪڇين جي ڌرڻي ۾ ويو هئس. صدر آصف علي زرداري جي ڪوشش سان لياري ۾ امن ڪرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مون 9 جولاءِ کان گهرو وزارت سنڀالي آهي ۽ ان وقت کان هن وقت حالتون تبديل آهن. اسان اڳ اتحادي هئاسين پر هاڻي امن بحال ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون پر پارليامينٽ ۾ اتحادي ناهيون. سنڌ کي پر امن بڻائڻ ۽ قائداعظم جي خواب کي پورو ڪرڻ سڀني جي مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته 88ع کان وزير رهيو آهيان، 88 ۾ جيلن جو وزير هئس بعد ۾ پاڻ جيل ويو هئس. مچ جيل، لانڍي، سينٽرل جيل حيدرآباد . سکر سميت سمورا جيل ڏٺا آهن. هن چيو ته مون ڪٽي پهاڙي وڃي امن بحال ڪرايو اڳ ۾ اهڙين حالتن ۾ ڪيربه نه ويو هو. عملي ماڻهو آهيان. جنوري 2011ع کان 8 جولاءِ 2011ع تائين 950 ماڻهو ڪراچي ۾ قتل ٿيا، جن مان 189 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ٿيا. جڏهن کان مون چارج سنڀالي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 77 ماڻهو قتل ٿيا آهن. ڪراچي حساس ۽ اهم شهر آهي. ڪراچي مني پاڪستان نه پر سڄو پاڪستان آهي. هن حالتن ۾ مان نٿو چوان ته امن جلد بحال ڪندس. 86 ع کان ڪراچي جون حالتون خراب آهن. جڏهن اسان چئون ٿا ته سڀ سنڌي آهيون ته اهو دل سان قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مان سنڌ جو محافظ آهيان. سڄي صوبي ۾ امن قائم ڪرڻو آهي. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ افضل اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته قصبا ڪالوني ۾ گهرن تي قبضا ڪري عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي. گهر ساڙيا ويا، کڏا مارڪيٽ لياري ۾ دهشتگردن ماڻهو ماريا ۽ هاڻ ملير ۾ پيپلز امن ڪميٽي جي هٿياربندن اسان جا 4 ڪارڪن قتل ڪيا آهن ۽ 10 کي زخمي ڪيو. پوليس وڳوڙي علائقن ۾ نٿي وڃي ان ڪري پوليس کي اتي وڃڻ جا حڪم ڏنا وڃن. ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته ملير ۽ لانڍي ۾ 10 ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن. 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن پوليس مجرماڻي غفلت ڪري رهي آهي. هٿياربند ويڙهاڪ تسلي سان ڏينهن ڏٺي جون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. ڪير انهن کي روڪڻ وارو ناهي. جنهن تي ڀرپور احتجاج ڪيون ٿا ۽ ان ڪارروائي خلاف احتجاج ڪري واڪ آئوٽ ڪيون. جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا ميمبر اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. ان موقعي تي سينيئر وزير تعليم پير مظهرالحق ايوان ۾ سرڪاري موقف بيان ڪندي چيو ته ڪا به حڪومت امن امان قائم ڪرڻ کان ڪن لاٽار نٿي ڪري سگهي. واقعا اوچتو ٿين ٿا.هن چيو ته مرندڙن جو ڪهڙي به ڌر سان تعلق هجي پهريان اهو انسان آهي. هن چيو ته گهرو وزير پوليس ۽ رينجرز کي وڳوڙي علائقن ۾ موڪليو آهي. ڪمشنر ۽ ڊي سي به انهن حالتن کي ڏسن پيا. اسان خاموش ويٺل ناهيون. جنهن کانپوءِ اسپيڪر اڻ ڄاتل مدي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڪراچي صورتحال تي صدر آصف علي زرداري نوٽيس وٺندي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ کي بلال هائوس طلب ڪري ورتو، جنهن بعد گهرو وزير منظور وساڻ بلاول هائوس پهچي صدر آصف علي زرداري کان ڪراچي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني صدر سان ملاقات بعد گهرو وزير چيو ته صدر آصف کي ڪراچي رينجرز مقرر ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سهڪار سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو ويندو. شهر جو مڪمل امن ڪرائڻ ۾ وقت لڳندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close