خيرپور

جولاءِ 29 کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري سالياني “ خيرپور ڊيٽس فيسٽيول اينڊ سيمنار 2011 ” جي منعقد ڪرڻ جي انتظامي صورتحال جو سراسري طور تي جائزو ورتو ويو

DCO Meeting Photoخيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي نگراني ۾ ٻن ڏينهن واري ساليانه خيرپور جي کجين جي عالمي نمائش ۽ سيمينار جي انعقاد جي حوالي سان ڊي سي او آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن ۾ اِي ڊي او فنانس اينڊ پلاننگ احمد علي قريشي، اِي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ (سي ڊي ڊي) محمد فيصل کوکر، اِي ڊي او زراعت محمد حسن سمنگ، سنڌ آبادگار بورڊ جي نمائندن، زرعي ماهرن قادر بخش مري، مولاناصدرالدين ڦلپوٽو، سنڌ بئنڪ جي نمائندي شمس العباس ملاح، اسٽيٽ بئنڪ، نيشنل بئنڪ، ٽي آر ڊي پي ٻين مختلف شعبن جي نمائندن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ جولاءِ 29 کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري سالياني “ خيرپور ڊيٽس فيسٽيول اينڊ سيمنار 2011 ” جي منعقد ڪرڻ جي انتظامي صورتحال جو سراسري طور تي جائزو ورتو ويو. ان موقعي ڊي سي او محمد عباس بلوچ چيو ته جينن ته هر علائقو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان خاص سڃاڻپ رکي ٿو ۽ ملڪ ۾ خيرپور ضلعو کجي جي باغن ۽ انهن جي ذائقيدار کارڪن، ڇوهارن ۽ ڏوڪن جي حوالي سان پڻ مشهور آهي. ان سلسلي ۾ خيرپور جي کجي جي فصل کي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي ان جي سڃاڻپ کي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ خيرپور ضلعي حڪومت ٻين اسٽيڪ هولڊرس سان گڏجي ڪري گذريل ٻن سالن کان کجي جي عالمي نمائش ۽ سيمينار منعقد ڪرائڻ جي هڪ سٺي شروعات ڪئي ۽ ان سلسلي کي جاري رکندي هن سال پڻ جولاءِ جي آخري هفتي ۾ اهڙي سيمينار ۽ نمائش جي منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان پڻ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش ۽ سيمينار جي حوالي سان ايِ ڊي او سي ڊي ڊي محمد فيصل کوکر فوڪل پرسن مقرر ٿيل آهي ۽ انتظامن کي پڻ آخري شڪل ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ آگاهي ڏني وئي ته شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئرٿيٽر ۾ جولاءِ 29 کان شروع ٿيندڙ کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش ۽ سيمينار جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو جڏهن ته صوبي ۽ خيرپور ضلعي جون ٻيون اهم ۽ سياسي شخصيتون هن عالمي نمائش ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪنديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button