سکر

جسمم جي اڳواڻن جو ڪراچي ۾ قتل عام خلاف احتجاجي مظاھرو

Jeay Sindhسکر(بيورورپورٽ)جيئي سنڌ متحدا محاذ مرڪز طرفان جسمم سکر ۾ ڪراچي ۾ اردو آبادي جي قتل عام خلاف سکر ۾ جسمم ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ ، روپلو چاچر، جساف اڳواڻ صفدر سومرو ۽ ٻين جي قيادت ۾ سٽي ڪورٽ کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسمم ضلعي صدر سهيل پٺاڻ چيو ته ڪراچي ۾ اردو آبادي مٿان اي اين پي جي دهشتگردن جا حملا سنڌ جي وجود ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ڪرڻ جي سازش آهي. حڪومتي ماڻهو ڄاڻي واڻي سنڌي ۽ اردو ڳالهايندڙن جي وچ ۾ ڪو وڏو سانحو ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ ان سانحي جا منفي اثرات سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن مٿان پوندا ۽ اسين ڪڏهن به ڌارين قوتن ۽ ان ناپاڪ سازش ۾ ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين. سائين جي ايم سيد جي اردو ڳالهائيندڙن جي پاليسي تي مڪمل تعاون ڪنداسين. پ پ پ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ به سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌين خلاف نفرتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. جسمم سنڌ جي بقا، خوشحالي، سنڌ جي وحدانيت ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button