ٺٽو

تعلقي ميرپورساڪرو ۾ سرڪاري زمين جعلي کاتن ذريعي وڪرو ٿيڻ لڳي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپورساڪرو ۾ سرڪاري زمين جعلي کاتن ذريعي وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ڦٻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي اينٽي ڪرپشن جعلسازي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي . ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر ٺٽو غلام محمد زرداري ٻڌايو ته تعلقي ميرپورساڪرو جي ديهه ڪلر سرڪاري تپو خيرپور ۾ 836 ايڪڙ سرڪاري زمين جو کاتو بدلائي جعلسازي وسيلي عبدالستار ڪلمتي، رستم ڪلمتي، عبدالڪريم ، عمر ڪلمتي ۽ ٻين جي نالي تي ڪرڻ واري معاملي جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ تپيدار منظور شاعر جي آفيس تي ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد تپيدار منظور شاعر کاتيدار عبدالستار ڪلمتي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 9 جڻن خلاف ڪروڙين رپين جي ماليت جي سرڪاري زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button