خيرپور

بيسڪ اسڪول جي استادن کي پگھارون نه مليون

خيرپور (رپورٽ اعجاز جکڙ) بيسڪ اسڪول جي استادن کي نه مليون ماسترن ۽ ماسترياڻين جو احتجاجي مظاهرو خبرموجب سومر جي ڏينهن بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول جي ماسترن ۽ ماسترياڻين کي پگهارون نه مليون اهڙي عمل خلاف سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي عابده پروين، سبحان خاتون، زليخان، مختيار احمد سولنگي، محمد امين ۽ امبر بلوچ ڪري رهيا هئا هنن چيوته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جو شروع ڪيل پروگرام بيسڪ ايجوڪيشن جي استادن ۽ ماسترياڻين کي ڏهن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ 12000 اسڪول کليل آهن جنهن ۾ لکين جي تعداد ۾ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن پر ايم ڊي ڪامران ظفر بيگناهه ان پروگرام کي فيل ڪرڻ جي لاءِ پگهارون بند ڪيون آهن هنن چيوته ڪامران ظفر جي اهڙين حرڪتن خلاف هو سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا بک هڙتالون پريس ڪانفرنسون ڪري تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button