بجلي جي ڊگهي بندش، ٽرانفسامر ناڪار ٿيڻ جي ڪري تجارتي سرگرميون ختم ٿي رهيون آهن: حاجي محمد جاويد ميمڻ
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي صرافه بازار ايسوسي ايشن جي صدر ۽ اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بجلي جي ڊگهي بندش، ٽرانفسامر ناڪار ٿيڻ جي ڪري تجارتي سرگرميون ختم ٿي رهيون آهن. وقفي وقفي سان ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جي ڪري صارفين ۽ واپاري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. پر سيپڪو انتظاميه حالتون بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم کڻڻ کان لنوائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صرافه بازار ۾ وڌيڪ ريڊنگ، ڊيڊيڪشن شده بجلي جا بل ارسال ڪرڻ، 4 ڏينهن کان ناڪاره ٽرانسفارمر درست نه ڪرڻ خلاف ڪيل احتجاج جي موقعي تي واپارين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ذاڪر ٻنڌاڻي، حافظ محمد صالح، بابو عبدالڪريم، شريف خان ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ذاڪر ٻنڌاڻي خطاب ڪندي الزام عائد ڪيو ته سيپڪو انتظاميه جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ڪيا ويندڙ اقدامن جي ڪري واپاري ۽ شهري شديد ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن. گذريل ٽن مهينن جي دوران صرافه بازار، چوڙي گهٽي، سميت ٻين واپاري مارڪيٽن ۾ ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي انتهائي وڌيڪ ريڊنگ، ڊيڊيڪشن شدل بل ارسال ڪرڻ کان علاوه لائن لائسز پورا ڪرڻ جي لاءِ ٽرانسفارمر ناڪاره ڪيا ويا وڃن ٿا. واپارين جي بلن جي درستگي جي لاءِ دفتر ۾ موجود ايس ڊي او رخسار قريشي ، ايڪسين احمد علي ۽ ٻيا آفيسر ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهيا آهن. 4 ڏينهن کان ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ جي ڪري سون جي واپارين جي ڪاروبار تي انتهائي خراب اثرات مرتب ٿيا آهن. واپاري وڏي رقم خرچ ڪري جنريٽري هلائڻ تي مجبور آهن جيڪو واپارين سان ظلم ۽ ناانصافي آهي. جيڪڏهن زيادتين جو سلسلو فوري طور تي نه روڪيو ويو ته جلد سيپڪو اتتنظاميه جي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو. شٽر بند هڙتال ۽ عدالت سان رجوع ڪري واپارين کي پريشان ڪندڙ سيپڪو آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي صرابه بازار ۽ آس پاس جي علائقن سان تعلق رکندڙ واپارين جي وڏي تعداد صرافه بازار ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، وڌيڪ ريڊنگ، ڊيڊيڪشن عائد ڪرڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽائر ساڙي ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي. مظاهري ۾ شامل واپارين سيپڪو جي خلاف شديد نعريبازي ڪندي لوڊشيڊنگ جي خاتمي، وڌيڪ ريڊنگ جا بل درست ڪر ڻ جو مطالبو ڪيو.