ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين سان مفاهمتي عمل جاري رکنداسين:شرجيل ميمڻ
ڪراچي : سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ جي گورنر ۽ سندن وزيرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي. سندن استعيفائون منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي ۽ پيپلز پارٽي پاران ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين سان مفاهمت وارو عمل جاري رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل ۾ اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڌار صوبي جو خواب ڪجهه بيوقوف ماڻهن جو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي، سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو نه ٺهندو. ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ٻيهر حڪومت ۾ شامل ٿي ته پوءِ به سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ ضلعن جي بحالي وارا بل واپس نه ورتا ويندا ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال رهندو. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪمشنري نظام وارو قانون منظور ٿيڻ بعد هاڻي تمام جلد سڄي سنڌ ۾ ايس ڊي ايم مقرر ڪيا ويندا ۽ کين ميجسٽريٽي اختيار ڏيڻ بابت بل تمام جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. اسرائيل کان ڪراچي ۾ هٿيار اچڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسرائيل کان هٿيار اچڻ بابت وفاقي گهرو وزير کي ئي خبر هوندي. ان بابت هو ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آر او جي ڪرمنل ڪيسن جو رڪارڊ گهرو کاتي مان گم ناهي ٿيو ۽ اهو رڪارڊ موجود آهي ۽ اين آر او جا ڪرمنل ڪيس کولڻ بابت پڻ ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز يونٽي جي اڳواڻ عامر شاهه جو قتل هاءِ پروفائيل قتل آهي ۽ ان قتل بابت جاچ جاري آهي ۽ تمام جلد قاتل بي نقاب ڪيا ويندا. پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سعيد غني جي استعيفيٰ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعيد غني جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ بابت فيصلو پارٽي ڪندي پر اميد آهي ته سعيد غني پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏيندو.
اي پي پي