ٺٽو

اردو چئنل شروع کان وٺي سنڌ خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: عبدالله ڀنڀرو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ نيشنل پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالله ڀنڀرو ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ هڪ نجي اردو چئنل پاران سنڌ ۾ مهاجر صوبي بابت هلاليل پروگرام خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اردو چئنل شروع کان وٺي سنڌ خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي ۽ وقت به وقت غلط پروگرام نشر ڪري سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي هنن چيو ته اردو چئنل سنڌي قومي کان معافي نه ورتي ته هو سخت احتجاج ڪندي ضلعي سميت سنڌ اندر انهي اردو نجي چئنل جي نشريات جو بائڪاٽ ڪندي ڪنهن به شهر ۾ هلڻ نه ڏيندا، جڏهن ته هنن ٺٽي جي ڪيبل آپريٽرن کان مطالبو ڪيو آهي ته لسانيت تي مشمل اردو نجي ٽي وي چئنل کي فوري بند ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button