ٺٽو

آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ پي بي بند جو ڪم ٻيھر شروع ٿي ويو

ٺـٽو(سجاد علي ميمڻ) 4 ڏينهن تائين پي بي بچاءُ بند جو ڪم بند ٿيڻ بعد نيٺ آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ شروع ٿي ويو آهي ٻئي ٺيڪيدار مشنري بند تي لڳائي بند جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي ڏنو آهي. ٺٽي جي فقير جي ڳوٺ ويجهو پي بي بچاءُ بند جو ڪم بلن جي عدم ادائگي جي جواز سبب 4 ڏينهن تائين بند رهڻ کان پوءِ ڪالهه ڇنڇر واري ڏينهن کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران پي بي بچاءُ بند تي ڪم ڪرائيندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد انهن پاران بند تي مشنري لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ اڃان تائين پٿرن جي پيچنگ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ڪم شروع ڪرائيندڙ هڪ حصي جي ٺيڪيدار ٻڌايو ته بلن جي معاملا هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن پر هاڻي وڌيڪ مشنري لڳائي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن وقت سر ڪم مڪمل ڪرائي سگهجي هن چيو ته سندن حصي جو ڪم زياده آهي ۽ مدت گهٽ آهي ان ڪري زياده مشنري لڳائي پئي وڃي ته جيئن انتهائي حساس هنڌن کي ايندڙ امڪاني خطري کان اڳ يعني مقرر ڪيل مدت 15 جولاءِ تائين مضبوط ۽ اوچو ڪري سگهجي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button