اسلام آباد

2 مئي جي واقعي کانپوءِ آمريڪا سان اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي:احمد مختار

Ahmad Mukhtarاسلام آباد: بچاءُ کاتي جي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار واضح ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سميت ڪو به شخص آئين کان مٿانهون ناهي،جنرل شجاع پاشا پارليامينٽ ۾ پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، 2 مئي جي واقعي کانپوءِ آمريڪا سان اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي، موجوده حالتن ۾ رهندي پاڪستان پنهنجي دفاعي پاليسي تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته پاڪ افغان سرحد جي ٻنهي طرفن پاران سنجيده ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن.بچاءُ جي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار چيو ته حڪومت کي خبر آهي ته طالبان ڪٿي آهن، انهن سان ملڻ مشڪل ناهي، ايبٽ آباد واقعو سيڪيورٽي جي ناڪامي ناهي،هن چيو ته افغانستان پاران سرحدي حدن ۾ راڪيٽ جا حملا ڪرڻ جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي پاڪستان کي شامل ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا پاران طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ ناممڪن آهي افغانستان جو مسئلو جڏهن به حل ٿيندو ته ان ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار هوندو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا کي پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي ڪي به خدشا ناهن، ملا عمر جي پاڪستان ۾ موجودگي جا اطلاع درست ناهن،اساما بن لادن جي بيواهن ۽ ٻارن کي ڪجهه ڏينهن ۾ سندن خواهشن موجب سندن ملڪ موڪليو ويندو،جڏهن ته ڪنهن به مسئلي جو حل فوجي آپريشن ناهي،بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس برطانوي اداري کي ڏنل انٽرويو غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ملڪ هن وقت مشڪلاتن ۾ گهيريل آهي ۽ نازڪ موڙ مان گذري رهيو آهي، قبائلي علائقن ۾ جنگ جاري آهي، جنهن سبب پاڪستان جي معيشت متاثر ٿي آهي، وفاقي وزير چوڌري احمد مختار چيو ته 2 مئي جي واقعي کانپوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي هي،ٻه طرفي سهڪار سان ئي اعتماد کي بحال ڪري سگهجي ٿو، ملڪ جي دفاعي پاليسي فوج ۽ سول قيادت گڏجي ٺاهينديون آهن، جڏهن ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان پنهنجي دفاعي پاليسي کي تبديل ڪرڻ لاءِ غور ڪري رهيو آهي، هن چيو ته رڳو اساما بن لادن جي معاملي تي عالمي برادي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي وڏين قربانين کي نظر اندا نه ڪري جڏهن ته ايبٽ آباد آپريشن کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ آءِ ايس جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شجاع پاشا ذميواري قبول ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي پارليامينٽ ۾ موجود قيادت رد ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي قست رڪيل آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان پنهنجي پئسن تي وڙهي رهيو آهي،وفاقي وزير چوڌري احمد مختار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته دهشتگردي خلاف جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن جي مستقبل جو فيصلو ناهي ڪيو ويو ته هن جو ملٽري ٽرائل ٿيندو يا وري انهن کي سول عدالتن ۾ موڪليو ويندو،هن چيو ته شمسي ايئر بيس ۽ غازي ايئربيس جو ڪنٽرول پاڪستان وٽ آهي، سينيٽر جان ڪيري پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ملڪي قيادت تي يقين ڏياري چڪو آهي ته آمريڪا جي پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي ڪا نظر ناهي ۽ نه وري خدشا آهن، پاڪستان جا ايٽمي اثاثا مڪمل طور تي محفوظ آهن، آمريڪا کي شمسي ايئر بيس خالي ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ملا عمر ڪٿي آهي ملا عمر جيڪڏهن پاڪستان ۾ هو به ته هو 2 مئي واري واقعي بعد ڀڄي ويو هوندو، هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي بقا لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button