ٻارن جي دنياڪھاڻيون

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

ليکڪ ظھور احمد سولنگي
seed-720775پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا.
خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو.
ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو.
سوداگر خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنھن سندس جان بچائي ھئي.
ھاڻي سوداگر ھڪ طرف ھلڻ لڳو، سندس ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. ھو ھڪ ڳوٺ وٽ اچي پھتو، جتان جو باشندا قبائلي ھئا. ھن ھيرو ھڙ مان ڪڍي ھڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گھريائين، اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ چيائين ته "اوھان پرديسي پيا ڏسجو، سو اسان وٽ اڄ رات رھي پؤ.”
رات ٿي سوداگر سمھي پيو، کيس ھيرن جو ڏاڍو فڪر ھو.
رات ٿي انھن ماڻھن جي نيت خراب ٿيڻ لڳي ته، ڇو نه سوداگر کي ماري سندس ھيرن جي ھڙ پنھنجي قبضي ۾ ڪريون. اڌ رات جو ڪجھھ ھمراھ آيا ۽ اچي ھڪ ٻاري کن جي مفاصلي تي ھڪ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائون ٿوري آواز تي سوداگر جي اک کلي ۽ ھن محسوس ڪيو ، ته ڪجھھ ماڻھو، ھن لاءِ قبر کوٽي رھيا آھ، ھن پنھنجو بسترو ڇڏيو ۽ پري ھليو ويو. خدا جي قدرت سان انھن ماڻھن جو، جيڪي کڏ کوٽي رھيا ھئا ھڪ ھمراھ ڪنھن ڪم سانگي ڀرواري ڳوٺ ڏانھن ويل ھو ۽ اتفاس سان ان وقت آيو، جنھن وقت ھمراھ کڏ کوٽي رھيا ھئا. ھمراھ خالي بسترو ڏسي ليٽي پيو ۽ ھن کي گھري ننڊ اچي ويئي. ھوڏانھن ھنن ھمراھن به کڏ کوٽي تيار ڪئي ۽ ڪھاڙيون کڻي اچي ستل ھمراھ کي (سوداگر سمجھي) اچي ڪھاڙين سان ورتائونس ۽ کيس ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ڇڏيائون ۽ بستري سميت کڻي اچي کڏ ۾ ڦٽوڪيائونس.
"اڙي ھڙ ته کوليو” ھڪڙ شخص چيو. کڻي جو پيٽ کي ھٿ ھڻن ته ان تي ڪا شيءَ ڪانه ھئي. اڙه ھڙ ڪيڏانھن ويئي. تيلي جو ٻاري ڏسن ته اھو سوداگر نه، پر سندن گھر جو ڀاتي ھئو. ھمراھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا پيا ڪري سگھن.
ٻارو! سچ چيو اٿن ته "جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي.”

نوٽ: ھي ڪھاڻي گل ڦل جي اپريل 1995 ع جي شماري ۾ شايع ٿي ھئي ۽ ان وقت ان رسالي جو ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي ھئو. الله تعاليٰ مرحوم جسڪاڻي کي جنت الفردوس ۾ جڳھھ عطا فرمائي سندس ٻاراڻي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آھن

 

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو